حيدري ڦاٽ

حـيـدري ڦـاٽ: هيءُ ڳوٺ تعلقي گهوڙا ٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ آباد آهي. هتي پراڻي وقت ۾ سيٺ منگهن مل نالي هڪ هندو اڏيري لعل جو مندر جوڙايو، جنهن تان ڳوٺ جو نالو ئي اڏيرو لال پئجي ويو. هتي حيدرآباد واري اڏيري لال (جهولي لال) هندن جي اوتار جي عقيدت ۾ چيٽيءَ چنڊ جو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو آهي. هن ڳوٺ وٽان درياهه ڦٽي ٻن ڦاٽن ورهائجي وڃي ٿو. مقامي طور تي درياهه جي انهن ٻنهي ڦاٽن مان ساڄي طرف واري ڦاٽ کي اوچتو ۽ کاٻي طرف واري ڦاٽ کي حيدري نالي سان سڏيندا آهن، جڏهن ته ٻنهي شاخن کي ٻه درياهي به چوندا آهن. هاڻوڪي ٽڪنڊياري ڊيلٽا جو مٿ به انهيءَ ٻه درياهي وٽان شروع ٿئي ٿو. پراڻي زماني ۾ پير پٺو ۽ ننگر ٺٽو به ڊيلٽا جي اندر هوندا هئا پر اڳتي هلي درياهه جا ٻه ڦاٽ گهاري وارو کار ۽ بگهاڙ واهه لٽجي ويا ته ننگر ٺٽو به ڊيلٽا کان ٻاهر ٿي ويو. حيدري ڦاٽ ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ٻنهي جي وچان وهي ٿو. حيدري ڦاٽ کان اٺ ڪوهه پري درياهه کي مٽڻي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. مٽڻي کان ڇهه ڪوهه پري درياهه کي ٻيو به هڪ ڦاٽ آهي، جيڪو سڏبو ئي ڦاٽ آهي. ان هنڌ تي ڦاٽ نالي سان ڳوٺ به آباد آهي. انهيءَ ڳوٺ جي آمهون سامهون ڳوٺ کاروڇاڻ آهي. حيدري ڦاٽ جي پڇريءَ مان ”ميرواهه“ ۽ ’قلندري‘ ڦاٽ نڪرن ٿا، جيڪي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. ميرواهه ڦاٽ کاري ڇاڻ کان ٻه ڪوهه مفاصلي تي آهي، جتان کانسواءِ ميل پري درياهه کي ”واهڻ“ چيو وڃي ٿو. ائين چپي چپي تي درياهه جا ٻيا نالا ورتا وڃن ٿا. ميرواهه ۽ واهڻ جي وچ ۾ سوکي نالي ڳوٺ آباد آهي. جتي سارين جو واپار گهڻو ٿئي ٿو. کاري ڇاڻ ۽ ڳوٺ سوکيءَ ۾ چانورن ڏرڻ ۽ ڇڙڻ جون مشينون به آهن. ڳوٺ سوکي وٽان واهڻ ڦاٽ مان هڪ شاخ ٽٽي ٿي تنهن کي سنهڙي چوندا آهن. گهڻو وقت اڳ سوکيءَ کان ست ڪوهه اوري حيدري درياهه مان ’مـَل‘ درياهه وهـندو هو، پر هاڻي اهو ڦٽي ويو آهي. ميرواهه واهڻ ۽ سنهڙي اهي ٽيئي، واسو کاريءَ مان لنگهي عربي سمنڊ ۾ وڃي پون ٿا. هي ٻيو درياهه به ڦاٽ مان لنگهي ڪيٽي بندر ڏانهن وڃي ٿو. تنهنڪري ڪيٽي بندر ٻن درياهن جي وچ ۾ آهي. ڪجهه وقت کان ڪراچيءَ مان کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر طرف لاريون وڃن ٿيون، انهي ڪري آمد رفت جي گهڻي سهوليت آهي.


لفظ حيدري ڦاٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو